شڪارپور صدين کان

شڪارپور صدين کان

شڪارپور صدين کان

شڪارپور صدين کان (ڪتاب): شڪارپور جي تاريخ بابت مقالن تي مشتمل هيءُ تحقيقي ڪتاب نامور اديب ڊاڪٽر عبدالخالق ‘راز’ سومري جو سهيڙيل آهي ۽ هن ڪتاب جو معاون نقش ناياب منگي آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مقالا ‘شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽيءَ’ پاران 2 مئي 1985ع تي سڏايل هڪ سيمينار ۾ پڙهيا ويا هئا، جن کي ترتيب ڏئي ڪتابي شڪل ۾ آندو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 22 مقالا ڏنا ويا آهن. مقالا لکندڙن ۾ عبدالرزاق راز سومرو، نقش ناياب منگي، مير حاجي محمد خان ٽالپر، پروفيسر نظير احمد صديقي، انيس انصاري، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، عبدالله ورياهه، علي احمد بروهي، نصرت حسين ابڙو، تاج صحرائي، رشيد ڀٽي، انور فگار هڪڙو، احمد بخش بدوي، نعمت الله ڀٽو، هدايت پريم، ڪريم بخش خالد، پروفيسر غلام احمد بدوي، گرڏنو گرلداس، نثار علي هڪڙو، برڪت علي آزاد، نثار چنا ۽ پروفيسر امين الله علوي شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر عبدالخالق راز سومري لکيو آهي، جڏهن ته صدارتي تقرير ڊاڪٽر حميده کهڙو، مهمان خاص جي تقرير نورالدين سرڪي، مرحبائي تقرير لال محمد لعل، ٻه اکر آغا سليم ۽ پنهنجي پاران خليل مورياڻيءَ جا لکيل آهن.
ڊيمي سائيز جي 335 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي شڪارپور ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي شڪارپور سنڌ، جنوري 1988ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 45 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو